مٺي ۾ قتل ڪيس مان جوابدارن جو نالو خارج ٿيڻ خلاف احتجاج

مٺي(بيوروچيف)اسلام ڪوٽ ڀرسان قتل ٿيل نوجوان جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار جو نالو خارج ڪرڻ خلاف وارثن مٺي پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو،اُنهي موقعي تي ڳوٺ سينهار ناگڙ جي رهواسين ۽ مقتول نوجوان نظر محمد لاکو جي پيءُ سليمان لاکو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته پُٽ جي قتل ڪيس ۾ پوليس پاران ھٿرادو ھيرا ڦيري ڪري مک جوابدار شوڪت لاکو جو نالو جانچ مان رشوت عيوض ڪڍيو ويو آھي،شھيد نظر محمد لاکو قتل ڪيس ۾ اسلام ڪوٽ پوليس جي ايس ايڇ او پاران رشوت عيوض مک جوابدار شوڪت لاکو جو نالو خارج ڪيو ويو آھي،هنن چيو ته ٺيڪيدار شوڪت لاکو جنھن تاريخ 14 آڪٽوبر 2022 تي ڳوٺ سينھار نانگڙ ۾ پلاٽ جي معاملي تان نظر محمد لاکي کي فائر ڪري قتل ڪيو ھو ان کان پوءِ قتل جي ايف آئي آر جھن ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي هئي ۽ عدالت پاران جاچ آفيسر ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ کي مقرر ڪيو ويو ھو جنھن رشوت عيوض قاتل شوڪت لاکي جو نالو جانچ مان خارج ڪري ڇڏيو آھي مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان 19 نومبر تي اسلام ڪوٽ ۾ پڻ احتجاج ڪيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.