قاضي احمد جي صحافي تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، ريلي

قاضي احمد  (ن ع آ) ٻيلي جي زمين، تي ٿيندڙ قبضن جي رپوٽنگ ڪرڻ لاءِ ويندڙ قاضي احمد جي صحافي محب جوڻو تي حملو ڪري تشدد ڪندڙ قبضي خورن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي اڄ قاضي احمد جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي قومي شاھراھ کان ٿيندي ڊي ايس پي آفيس آڏو ختم ٿي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھڪ طرف ملڪ جو اعليٰ اداري سپريم ڪورٽ جي حڪم جي برخلافي ٿي رھي آھي.  ٻئي پاسي ٻيلن، کي بچائڻ لاءِ آوازکي، ھيسائڻ، لاءِ طاقتور بڻيل قبضاخور، ٻيلي کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پھچائي رھيا آھن ھنن چيو ته ٻيلي کاتي جو ڊي ايف او ھڪ پاسي ٻيلو بچايو تحريڪ پيوھلائي ٻئي پاسي ڳري رشوت عيوض بااثر ماڻهن کي زمين ڏيئي سرڪار جي منهن ۾ڌوڙ وجھي رهيو آهي ھنن چيو ته ھڪ ھفتو گذري وڃڻ باوجود به حملو ڪندڙن خلاف لاکاٽ پوليس ڪارروائي نه پئي ڪري ھنن اختيارين کان گهر ڪندي چيو آهي ته سماجي اڳواڻ سان انصاف ڪندي جوابدار ن خلاف ايف آئي آر داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ صحافي کان ڦر ٿيل موبائيل واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت م اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسين ان موقعي تي جان محمد ڪليار قربان مھڙ ڊاڪٽر شير چانڊيو مولابخش خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو ٻئي پاسي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ صحافي سوشل ورڪر محب جوڻو چيو ته ھڪ ھفتو گذري وڃڻ باوجود به مون کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر نه ٿو ڏنو وڃي جو مان علاج ڪرائي سگھان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.