نئين فوجي سربراهه جي مقرري جا ڪجهه پيش منظر ۽ ڪجهه پس منظر

تحرير: حاڪم نصيراڻي

2018 ۾ پلواما انڊيا تي دهشتگرد حملو ڪيو ويو انڊيا رڙيون ڪيون ته ان حملي جو ماسٽر مائينڊ پاڪستان ۾ موجود آھي. پاڪستان جي تاريخ ۾ بلڪل نئون رڪارڊ قائم ٿيو آھي. صدر مملڪت عارف علوي ڇو استعيفي ڏيئي رهيو هو؟ انهن ڳالهين سميت گهڻو ڪجھه آھي جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيون ٿا پر ان کان ڪجھه ٻيون ڳالهيون آھن جن جو ذڪر سڀ کان اڳ ڪرڻ چاهيان ٿو.

جيڪڏهن اوهان کي ياد هوندو ته سيپٽمبر ۾ مون پنهنجي ڪالم ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جي نئين چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيڻ جو ذڪر ڪيو هو. ڇو ته اندر جي ڳالهين مان اها سڌ پئي هئي ته جڏهن عمران خان پنجاب جي ننڍين چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ته ان وقت اتحادي سرڪار پريشان ٿي وئي هئي ڪٿي اسان کي ذليل ڪرڻ لاءِ ته نه آندو ويو آھي؟ آصف علي زرداري دبئي هليو ويو. گمنام ملاقاتن جون ڳالهيون هلڻ لڳيون. وڏي ميان صاحب ۽ زرداري صاحب کي يقين ڏياريو ويو ته وڏي مقصد لاءِ ننڍيون قربانيون ڏنيون ويون.

راولپنڊي جي علائقي لال ڪڙتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سيد سرور منير جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عاصم منير ٻن سالن ۾ قرآن شريف جو حافظ بڻجي ويو. نئين چيف آف آرمي چيف اسٽاف جنرل عاصم منير جون فوج لاءِ ڪيل خدمتون تمام گهڻيون آھن. سياچن ۾ فوجي ڊويزن جي ڪمانڊ سان گڏ ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي ايم آءِ ڪور جو ڪمانڊر به رهي چڪو آھي.

جيئن ته مون مٿي ذڪر ڪيو انڊيا جون رڙيون پري پري تائين ٻڌيون ويون؟ انهن رڙين جو مکيه سبب 2018 ۾ پلواما تي ٿيل دهشتگرد حملو هو. انڊيا جو چوڻ هو ته ان حملي جي پويان ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ عاصم منير جو وڏو هٿ هو. نئين چيف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جي مقرري سان شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪو حافظ قرآن شخص آرمي چيف بڻيو آھي نه صرف اهو پر نئين مقرري کان پوءِ ڪو به آرمي آفيسر سپر سيڊ به نه ٿيو ۽ نه ئي وقت کان اڳ ڪو جنرل رٽائر ٿيو آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وزيراعظم کي آئين اهواختيار ڏنو آھي اهو پنهنجي پسند جو آرمي چيف مقرر ڪري پر جڏهن جونيئر آفيسر کي آرمي چيف بڻايو ويندو هو ته سينئر آفيسر وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ وٺي گهر ويندا هئا.

گهڻي وقت کان وٺي هڪ 22 هين گريڊ جي آفيسر جي مقرري تي سڄي ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام پريشان هو. ان پريشاني ۾ قوم کي مبتلا ڪرڻ ۾ اسان جي معزز سياسي اڳواڻن جو تمام وڏو هٿ رهيو آھي. اصل ۾ ڏٺو وڃي ته آرمي چيف جي مقرري جو فائدو يا نقصان صرف اعلي سياسي قيادت کي ٿيندو آھي. پي ڊي ايم يا حڪومتي ڌرين ۽ ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته عمران خان پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي ته جنرل عاصم منير فوج جي ڪمان نه سنڀالي. سندس پؤلڳ پنهنجي مضبوط مورچي سوشل ميڊيا وسيلي مختلف افواهه ۽ سازشي خبرون پکيڙيندا رهيا. هڪ شخص جي آرمي چيف جون خبرون به بريڪ ڪيون ويون. اعتزاز احسن جهڙي ماڻھوءَ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ۾ آرمي چيف لاءِ غلط خبرون ڏيئي عمران خان جي ڪاميابي جون مبارڪون وصول ڪيون.

ٻن مهينن کان وٺي آرمي چيف جي مقرري تي سياست ٿيندي رهي. جنرل عاصم منير کي نوازشريف جي پسند جو جنرل ليکيو ويندو رهيو. مريم نواز به جنرل عاصم منير جون تصويرون رکي سٺا سٺا لفظ استعمال ڪندي رهي. اهڙن پوسٽن تحريڪ انصاف کي مڇرائي ڇڏيو ڇو ته جنرل عاصم منير لاءِ اهو مشھور آھي ته سيد بادشاهه جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ جو ڊي جي هو ته هن خان صاحب کي سندس گهرواري ۽ ڪجھه دوستن جي مبينا ڪرپشن جون خبرون ڏنيون ته اها ڳالھه خان صاحب کي نه وڻي جنهن اٺن مهينن جي تمام گهٽ وقت ۾ کيس پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. نواز شريف کي وري اها ڳالھه وڻي پئي ته فوج ۾ ڪو ته اهڙو ماڻھو آھي جيڪو عمران خان جي ويجهن ساٿين جي مبينا ڪرپشن کان واقف آھي. نيٺ اهو ڏينهن اچي ويو جنهن ڏينهن جو سڀ کي انتظار هو.

وزيراعظم پنهنجي پسند جي آرمي چيف جي نالي جي سمري موڪلي. حڪومت کي خطرو هو ته متان صدر صاحب عمران خان جي چوڻ تي سمري تي صحيح نه ڪري. ان ڪري حڪومت پنهنجو پلان بي تيار ڪري ورتو هو. صورتحال ان وقت ڊرامائي صورت اختيار ڪئي جڏهن صدر صاحب اسلام آباد کي ڇڏي لاهور جي زمان پارڪ ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي. چوڻ وارا چون پيا ته خان صاحب صدر کي صحيح ڪرڻ کان روڪي ورتو هو پر شاه محمود ۽ صدر عمران خان کي سمجهايو ته خواه مخواه رڌڻي ۾ رولو نه وجهو، آخر اهو ٿيندو جيڪو حڪومت چاهيندي. سمري روڪڻ سان نقصان وري به تحريڪ انصاف کي ٿيندو. هڪ موقعي تي ڊاڪٽر عارف علوي عمران خان کي چيو ته جيڪڏهن مون کي صحيح ناهي ڪرڻي ته مان پنهنجو صدارتي عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار آھيان. خان صاحب وقت جي نزاڪت کي سمجهي ويو. نيٺ صدر صاحب سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.

هاڻي ڏسڻو اهو آھي نئون آرمي چيف ماضي جون غلطيون ورجائي عام روايتي جنرل ٿئي ٿو يا باجوه صاحب جي چواڻي پاڻ سان گڏ اداري کي سياست کان پري رکي نئين روايت قائم ڪري ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.