خواجا آصف صدر عارف علوي جون تعريفون ڪرڻ لڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته صدر عارف علوي طرفان آرمي چيف جي مقرري جي سمري تي صحيح ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي.

آرمي چيف جي مقرري جي سمري تي صحيح ڪرڻ تي خواجا آصف چيو ته صدر اڄ سياسي طور تي دانشمندي جو ثبوت ڏنو آهي، سمري تي صحيح سان ملڪ ۾ مونجهاري جي ڪيفيت جو خاتمو ٿيو.

هن چيو ته سڀني ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.