سنيل شيٽي کي نوجوان اداڪار نٿا وڻن

ڀارت جي مشهور اداڪار سنيل شيٽي فلم انڊسٽري جي نوجوان اداڪارن جي لائيف اسٽائيل تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

تازو هڪ انٽرويو ۾ ڀارتي اداڪار سنيل شيٽي چيو آهي ته اڄ ڪلهه جي نوجوان اداڪارن لائيف اسٽائيل هنن کي مداحن کان پري ڪري ڇڏيو آهي.

هنچيو ته بالي ووڊ اداڪار پنهنجي اهڙي زندگي ڏيکاريندا آهن جنهن تي مداحن هنن کان ڏوري اختيار ڪندا آهن.

اداڪار چيو ته نوجوان اداڪارن کي مداحن جي ويجهو رهڻ جي ضرورت آهي، مداحن کي اهو محسوس نه ٿيڻ گهرجي ته جنهن کي هو پسند ڪندا آهن هو سندن پهچ کان گهڻو پري آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اداڪار سوشل ميڊيا تي گهڻو نظر ايندا آهن ۽ انساني فطرت آهي ته جنهن کي گهڻو ڏسبو آهي انهن مان ٿڪجي پئبو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.