بيلا حديد ڌرتي تي سڀ کان وڌيڪ اسٽائلش قرار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) فلسطيني ڄائي آمريڪي ماڊل بيلا حديد کي 2023ع لاءِ ڌرتيءَ جي سڀ کان اسٽائلش شخصيت قرار ڏنو ويو آهي.

برطانوي رسالي جي ڪيو بيلا حديد کي زمين جي سڀ کان اسٽائلش شخصيت قرار ڏنو.

رسالي موجب 26 ورهين جي سپر ماڊل کي اهو اعزاز هر لباس ۾ سندر نظر اچڻ سبب ڏنو ويو آهي.

رسالي جو چوڻ آهي ته مردن، عورتن يا هر قسم جي لباس ۾ بيلا حديد جي شخصيت متاثر ڪندڙ هوندي آهي.

رسالي موجب حقيقت ۾ بيلا حديد مردن جي لباس ڪيئي مردن کان وڌيڪ بهتر نموني پهري ٿي.

ياد رهي ته 27 ورهين جي سپر ماڊل جي جي حديد جي ڀيڻ آهي ۽ 16 سالن جي عمر کان ماڊلنگ جي دنيا ۾ سرگرم آهي.

بيلا حديد فلسطين ۾ اسرائيلي حملن ۽ ظلمن خلاف سڀ کان وڌيڪ آواز اُٿاريندڙ مشهور شخصيتن منجهان هڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.