پي ٽي آءِ کي ريلي جي مشروط اجازت، پريڊ گرائونڊ ۾ هيلي ڪاپٽر لينڊ ڪرڻ جي اجازت نه ملي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف کي ريلي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي پر پريڊ گرائونڊ ۾ هيلي ڪاپٽر لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.

ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته پريڊ گرائونڊ انتهائي حساس هنڌ آهي، پريڊ گرائونڊ ۾ هيلي ڪاپٽر موجود ئي ناهي، 36 شرطن ۽ ضابطن سان مخصوص روٽ ذريعي ريلين کي راولپنڊي پهچڻ جي اجازت هوندي.

اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي چيئرمين جي صحيح سان شرطن تي ٻڌل حلف نامو سڀاڻي تائين ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرايو وڃي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته حلف نامو جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اجازت نامو رد سمجهيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.