پاڪستان جي دوري کان اڳ انگلش ٽيم کي وڏو ڌچڪو، اهم رانديگر ان فٽ

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي ٽيسٽ اسڪواڊ جو اهم رڪن فٽنس مسئلن جو شڪار ٿي ويو آهي.

انگلينڊ ٽيم  ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ هلندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندي پر ان کان اڳ ئي ٽيم جو اهم رانديگر فٽنس مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي.

ليام ليونگسٽن آگسٽ ۾ کُڙي جي انجري جو شڪار ٿيو هو جنهن مان هو مڪمل طور صحتياب ناهي ٿي سگهيو.

لیام لیونگسٹن پاکستان کے خلاف پنڈی ٹیسٹ میں ڈیبیو کرنے کے مضبوط امیدوار ہیں/ فائل فوٹو

ليام ليونگسٽن پاڪستان خلاف پنڊي ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪرڻ جو مضبوط اميدوار آهي.

پرڏيهي خابرو اداري ڏنل انٽرويو دوران ليام چيو ته مان سئو سيڪڙو فٽ نه آهيان، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران به مان مڪمل فٽ نه هئس پر ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ سمورين ڪوششن ۽ محنت جو نتيجو مليو.

انگلش ڪرڪيٽر چيو ته انجري مان ڇوٽڪاري لاءِ ٻارنهن هفتا گهربل هئا، ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ تائين ست هفتا ۽ چار ڏينهن ٿيا هئا، مون سخت محنت ڪئي ۽ والدين کي گولڊ ميڊل سان گڏ واپس وڃڻ جو موقعو ڏنو.

انگلش آل رائونڊر چيو ته هو پراميد آهي ته پنڊي ٽيسٽ کان اڳ سئو سيڪڙو فٽ ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.