نئين آرمي چيف جي مقرري: تبديلي جي اميد نه رکو

گل محمد منگي

عام حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته نئين چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري ھڪ عام رواجي ڳالھه  ھوندي آھي جيڪو موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي جاءِ والاريندو پر پاڪستان ۾ آرمي چيف جي مقرري عام رواجي معاملو انڪري نه آھي جو ملڪ جون حالتون، طاقت جو توازن ۽ اختيارن جي ڪنٽرول جو دارومدار فوجي سربراهه جي مرضي کانسواءِ  ممڪن نه آھي۔

گذريل ڪجھه  ھفتن کان جيڪا صورتحال بڻي آھي جنھن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيانن جو به ڪجھه  نه ڪجھه  عمل دخل شامل آھي ان مان ائين ٿو لڳي ڄڻڪه آرمي چيف جي مقرري نه ھجي بلڪه ڪنھن بادشاه سلامت جي تاج پوشي ھجي۔ اھڙي صورتحال ۾ جھوني سياستدان جاويد ھاشمي جي بيان سڄو مزو ئي خراب ڪري ڇڏيو جنھن جو چوڻ آھي ته "جيڪو به ايندو ڪرپٽ ئي ھوندو”۔ بهرحال جيڪو به اچي پر ھن نظام ۾ ڪنھن مان به چڱائي جي اميد رکڻ اجائي آھي۔

ان قسم جي صورتحال بابت فرانس جي ھڪ ڏاھي ۽ جديد دور ۾ پورھيت طبقي جي پھرين انقلاب "پيرس ڪميون” جي آرڪيٽيڪچر ايلائس ريڪلس خوب چيو آھي ته "پنھنجي حالتن کي بھتر ڪرڻ جا فيصلا ٻين جي ھٿ وس ڏئي انھن مان چڱائي جي اميد رکڻ اجائي آھي ۽ جيستائين اوھان پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ جا فيصلا پاڻ نه ٿا ڪريو تيستائين اوھان جون حالتون تبديل نه ٿينديون”۔

جيستائين نئين آرمي چيف جي مقرري جو سوال آھي ته اھو ھڪ ٻن ڏينھن ۾ مقرر ٿي ويندو پر ان جو عام ماڻھن جي غربت، افلاس ۽ پيڙا جي خاتمي سان ڪنھن به قسم جو پري پري تائين ڪو به تعلق نه آھي۔ ماڻھون تڏھن ئي خوشحال ٿيندا جڏھن پنھنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو کين اختيار نه ٿو ملي۔ سنڌي ۾ اھا چوڻي مشھور آھي ته "اپڻي گھوٽ ته نشه ٿيوي”۔ عام ماڻھو کي اختيار ملڻ جو مطلب مڪاني ادارن کي وڌ ۾ وڌ طاقتور بڻائڻ ۽ اختيار انھن جي حوالي ڪرڻ آھي پر ھاڻي جيڪا حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ  ئي تيار نه ھجي اھا اختيار ڪٿان ڏيندي، انڪري ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي بجاءِ  جدوجھد ڪرڻ کانسواءِ  عام ماڻھن جي قسمت انھن ئي ماڻھن جي ھٿ وس رھندي جن کين ھن حالت تائين پھچايو آھي۔

جيستائين فوجي سربراه جو تعلق آھي ته ترڪي جي ھيڏي وڏي سلطنت جي خاتمي ۾ به ترڪي جي فوجي سربراھن جو وڏو ھٿ رھيو جيڪي سلطان عبدالحميد کان وٺي سلطان بايزيد تائين من ماني ڪندا رھيا ۽ بادشاھن کان ڏنڊي جي زور تي مرضي جا فيصلا ڪرائيندا رھيا۔ سلطان بايزيد جي امير تيمور ھٿان شڪست جو ڪارڻ به اھو ئي ھو جو بادشاهه رڳو ويٺو سندن حڪمن جي تعميل ڪرائيندو ھو۔ ننڍي کنڊ جا سادا سٻاجھڙا مسلمان وري ترڪ سلطنت جي بحالي خاطر "خلافت تحريڪ” ھلائڻ ۾ ئي پنھنجي عافيت ۽ بقا سمجھندا رھيا!

پاڪستان ٺھڻ کان ستت پوءِ  پاڪستان ۾ سياست اندر فوجي مداخلت شروع ٿي چڪي ھئي۔ پھريون ڀيرو لاھور ۾ مارشل لا  لاڳو ڪئي وئي۔ ان بعد ملڪ اندر پھرين مارشل لا  جنرل ايوب خان لاڳو ڪئي۔ ايوب خان پورا 9-سال مارشل لا  جاري رکي ۽ ان بعد جنرل ضياءَ  جي مارشل لا  پورا 11 سال ھلي۔ جنرل ضياءَ  ملڪ جي پھرين چونڊيل وزير اعظم کي ڦاسي ڏني۔ جنرل ضياءَ  جي دور ۾ افغان جھاد پڻ ھليو۔ جڏھن ته ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر عام ٿيو۔ ان کان پوءِ  جنرل پرويز مشرف چونڊيل وزيراعظم ميان نواز شريف کي معزول ڪري جيل ۾ وڌو ۽ ان جي خلاف جھاز سازش ڪيس تيار ڪيو۔ نواز شريف کي عمر قيد جي سزا لڳي پر سعودي عرب جي مداخلت تي ھڪ ٺاھ تحت نواز شريف جلاوطن ٿيو۔

پرويز مشرف جي مارشل لا  کان پوءِ  ملڪ اندر فوجي مداخلت پردي پويان جاري رھي ۽ ان مداخلت ۾ عدليه جو ڪردار به نمايان رھيو خاص ڪري اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو به ڪردار رھيو آھي۔ اھي ڳالھه يون به پنھنجي جاءِ تي عام آھن ته فوجي ادارو ئي ملڪ ۾ وڃي بچيو آھي جيڪو منظم آھي ۽ ادارن جو ڪم لھي چڪو آھي پر ان منظم اداري ۾ به ڪرپشن ٿي رھي آھي ۽ ان ڪرپشن جو ڪو پڇاڻو ڪونھي۔ البت جنھن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻي ھوندي آھي ان کي فوج جي قانون مطابق سزا ڏني ويندي آھي ۽ ان قسم جا مثال موجود به آھن۔ ان صورتحال ۾ ملڪ اندر معاشي بحران ڏينھون ڏينھن تيز ٿي رھيو آھي ان بحران کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ بجاءِ  ھميشه عارضي حل اڳوڻي ڪيو ويندو آھي۔ جنھن کي به موقعو ملي ٿو اھو ملڪ کي لٽي ڪنگال ڪري کسڪي وڃي ٿو۔ سابق آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پرويز اشرف ڪياني ته ملڪ کي خدا حافظ چئي وڃي آسٽريليا جي وفاداري جو حلف کڻي ڇڏيو آھي ان کي وطن عزيز جي آبھوا شايد راس نه آئي!

ھن وقت صورتحال اھا آھي ته جنھن به سياسي پارٽي کي اقتدار ملي ٿو اھا اکيون ٻوٽي اقتدار جي ڪرسي تي ويھي ساڳيو راڳ آلاپي ٿي جنھن جي خلاف اقتدار مان لھڻ بعد احتجاج ڪيو ھو۔ مثال طور نواز شريف "”ووٽ کي عزت ڏيو” وارو نعرو ھينئر وساري چڪو آھي ۽ ھاڻي وري عمران خان جي بيانن ۾ اھو سخت رويو نه رھيو آھي جيڪو ان کان اڳ نظر اچي رھيو ھو۔ مطلب ته سياست ۾ "يو ٽرن” رڳو عمران خان ئي نه پر وقت ۽ حالتن مطابق ھر ڪوئي وٺي رھيو آھي۔ عوام جي بجاءِ  اقتدار جو حقيقي سرچشمو ڪي ٻيون قوتون آھن ۽ انھن کي راضي رکڻ تمام ضروري سمجھيو وڃي ٿو۔

اھو رويو جيڪڏھن ائين ئي جاري رھيو ته جمھوريت جو مستقبل ھن ملڪ ۾ اونداھو ئي رھندو! پر اھو سلسلو گھڻو عرصو نه ھلندو۔ سياسي پارٽين ۽ طاقتور قوتن پنھنجو رويو نه بدلايو ته ھڪ ڏينھن ملڪ ڪنگال ٿي ويندو ۽ ان جو نتيجو تازو سريلنڪا ۾ ڏٺو ويو آھي۔ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ھن سڄي صورتحال ۾ کاٻي ڌر جو ڪردار ڪٿي به ڪو نه ٿو نظر اچي۔ انڪري اھو چوڻ ۾ ڪو عار نه ھي ته کاٻي ڌر صرف ھڪ لحاظ کان "پريشر گروپ“ رھجي وئي آھي۔ کاٻي ڌر ان لاءِ  به آتي آھي ته اپوزيشن جي ڪنھن سياسي اتحاد ۾ ان کي ڪٿي ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي۔ ھاڻي جڏھن ڪجھه  نه ڪجھه  کاٻي ڌر لاءِ  ڪم ڪرڻ جو موقعو موجود آھي ته ان مان فائدو حاصل ڪرڻ جو فن به ان کي نه ٿو اچي۔ جيڪڏھن کاٻي ڌر عوام کي گڏ کڻي ھلڻ جي صلاحيت نه ٿي رکي ته ان کي گھرجي ته اھا عوام جي پويان ھلي پوي ۽ ائين ڪرڻ ۾ پنھنجي توھين نه سمجھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.