حڪمران اتحاد جو وزيراعظم تي اعتماد، آرمي چيف مقرري جي حمايت

اسلام آباد (م ڊ) حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتن آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي جماعتن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتحادي جماعتن جا قائد ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ اهم مقرري جي معاملي تي مشاورت ڪئي وئي ۽ وزيراعظم اهم مقرري جي معاملي تي اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو. اجلاس ۾ شريڪ اتحادي جماعتن جي سربراهن ۽ اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين چيو ته الله پاڪ توهان کي عزت ۽ عهدي سان نوازيو آهي، اهم مقرري ڪرڻ توهان جو آئيني حق آهي، اسان توهان سان گڏ آهيون. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به چيو ته وزيراعظم جيڪو فيصلو ڪندو اسان ان سان گڏ آهيون، جڏهن ته بي اي پي جي خالد مگسي به وزيراعظم تي اعتماد ظاهر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته اسان هر فيصلي ۾ توهان سان گڏ آهيون. ايم ڪيو ايم ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته توهان تي مڪمل اعتماد آهي، توهان جو آئيني حق آهي، توهان اسان سان مشاورت ڪئي توهان جا ٿورا. شاهه زين بگٽي چيو دستور توهان کي ذميواري ڏني آهي، اسان توهان جي فيصلن جي حمايت ڪيون ٿا، مشاورت توهان جي جمهوري سوچ کي ظاهر ڪري ٿي. ان کانسواءِ اسلم ڀوتاڻي، محسن داوڙ ۽ آفتاب شيرپائو به وزيراعظم جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.