سياسي تقرير سان غيرسياسي هئڻ جو يقين نه ڏياريو: اسد عمر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينئر صحافي ڪامران خان چيو ته ڍاڪا سانحي ۾ سياستدانن کي ذميوار قرار ڏيڻ جو جنرل باجوا جو الزام ڊگهي عرصي تائين بحث جو موضوع بڻيل رهندو.

صحافي ۽ اينڪر سميع ابراهيم چيو ته اڄ ٻيهر هڪ سياسي تقرير ڪئي پر چيو ته هاڻي اسان غيرسياسي ٿي وينداسين، ڪنهن کي دوکو ڏئي رهيا آهيو.

شاهين صهبائي لکيو ته 900 ڪوئا کائي 6 سالن ۾ هر سياسي ۽ غيرسياسي گند ڪرڻ کانپوءِ الوداعي تقرير ڪري سڀني جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سڀني تي الزام لڳايا پر پنهنجي هڪ به غلطي نه مڃي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر ٽوئيٽ ڪيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ماڻهو يقين ڪن ته توهان غيرسياسي آهيو ته هڪ سياسي تقرير ڪري ماڻهن کي ان ڳالهه جو يقين نه ڏياريو ته توهان غيرسياسي آهيو، پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله ٽوئيٽ ڪيو ته اسان توهان جي 1971ع سانحي جي بيانئي کان انحراف سان اتفاق نٿا ڪريون.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 22-11-24 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.