حيدرآباد ۾ ڇهن ٻارن جي ماءُ قتل، گولي لڳل لاش هٿ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ پرڻيل عورت جو مٿي ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو. قاسم آباد جي علائقي سحرش نگر مان ڇهن ٻارن ماءُ روزينا ڀنڊ جو گولي لڳل لاش گهر مان هٿ آيو، نسيم نگر پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد  وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس موجب روزينا پنهنجي مڙس اقبال سان گڏ ستل هئي، ان گهر ۾ روزينا جا ڀائر به ستل هئا، پوليس کي روزينا جي مڙس اقبال ڀنڊ بيان ڏنو آهي ته گهر ۾ ستا پيا هئاسين ته اوچتو فائر جي آواز تي ڇرڪ ڀري جاڳي پياسين، جنهن دوران زال روزينا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل هئي. ڪو اڻڄاتل ماڻهو ڳولي هڻي فرار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ هو ته عورت کي مٿي جي پوئين پاسي کان گولي لڳل آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا. علائقي ۾ عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جا چوٻول آهن .جڏهن ته واقعي بابت عورت جي وارثن ۽ پوليس جي سامھون آيل بيانن به ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. بيانن موجب صبح فجر مهل اڻڄاتل قاتل ڪيئن گهر اندر ٽپي داخل ٿيو ۽ ڪمري ۾ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن گڏ ستل عورت روزينا کي مٿي ۾ گولي هنئي؟ انهي دوران گهر جي ڪنهن به ڀاتي قاتل کي نه ڏٺو ۽ قاتل آساني سان فرار ٿي ويو. پاڙي وارن موجب صبح فجر مهل ٿيل واقعي جي پوليس کي دير سان منجهند جو ڇو اطلاع ڏنو ويو.؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.