غوثپور ۾ بااثر جي ڌمڪين خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

غوثپور (ن ع آ) غوثپور ۾ بااثر خلاف ڳوٺاڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺ خير محمد مڱڻھار واسي حافظ غلام مصطفى اوڳاھي چيو ته محب الله ولد امان الله اوڳاھي موت جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. ،  اسان جي جان کي خطرو آهي . بااثرن ڪنهن به وقت گهر تي حملو ڪري سگهي ٿو. واقعي جو غوثپور پوليس کي اطلاع ڏنو آهي هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪارروائي ڪر يانصاف ڏياريو وڃي.

  • سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 27 ڪيس رپورٽ ٿيا،  قومي صحت وارو ادارو

اسلام آباد (م ڊ) قومي صحت واري اداري (اين اي ايڇ )  چيو آهي ته سڄي ملڪ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 27 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن . گذريل ڏينهن تي اين آئي ايڇ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 6 هزار 666 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 27 ماڻهن جا ٽيسٽ مثبت آيا آهن .  اهڙي طرح انهي مدت ۾ ڪورونا ٽيسٽ جي مٽبت شرح 0.41 سيڪڙو رهي . ان کان علاوه ان دوران ڪورونا وائرس سبب ڪو مريض اجل جو شڪار ناهي ٿيو ، جڏهن ته 40 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

  • نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 25 نومبر تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي

آڪلينڊ (اي پي پي ) نيوزيلينڊ ۽ ڀارت  جي ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 25 نومبر تي  ايڊن پارڪ ، آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي . ان کان اڳ ٻنهن ٽيمن وچ ۾ کيڏيل  ٽن ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز ۾ ڀارت ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 1-0 تان شڪست ڏني هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.