غوث پور ويجهو ڳوٺ ۾ گرلس اسڪول بحال نه ٿيو، احتجاج

غوثپور (ن ع آ) غوثپور ويجهو وڏي آبادي واري ڳوٺ جو گرلس اسڪول بحال نه ٿيو، شهر ۾ خانگي اسڪول عام ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ممتاز علي ڏاھاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڳوٺ احمد علي ڏاھاڻي ۾ گرلس اسڪول آهي پر ماستر ياڻيون نه آھن. شاگردياڻيون 3 سالن کان اين جي اوز جي خانگي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رھيون آهن.خانگي اسڪولن فيس ڳري آهي، ان ڪري غريب شاگردياڻيون تعليم کان محروم آهن. تعليم کاتي جي اختيارين اڳيان ڪيئي ڀيرا دانهيون آهي، پر ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي گرلس اسڪول ۾ ماسترياڻيون مقرر ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.