مانجهند ۾عرب شڪاري پهچي ويا، شاگردن پاران رستا روڪ

مانجهند (ن ع آ) مانجهند  تعلقي ۾ وڏي انگ ۾ پکين جي شڪار لاءِ عرب شڪاري پهچي ويا، تلور، تتر، ٻٽير سميت ناياب پکين جي  شڪار لاءِ خاص ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. مقامي سردارن ۽ ڀوتارن ميزباني ڪري عرب شڪارين لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن. وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن اکين تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون آهن. شڪارين جي لاءِ بحرين ملڪ جي پليٽ نمبر گاڏي ۾ سامان وٺڻ لاءِ آيل ملازمن کي ڪاليج ۽  هاءِ اسڪول مانجهند جي اسڪولي شاگردن روڪي پڇا ڳاڇا ڪرڻ ڪوشش ڪئي، پر ڊرائيور جلد ۾ گاڏي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ناياب پکين جي تحفظ لاءِ مقرر وائلڊ لائيف عملو به بااثرن آڏو بي وس ٿي انعام حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اڳيان پويان ھلڻ لڳو. مانجهند جي ساڃاهه وندن معصوم پکين جي شڪار تي بندش لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.