ڪراچي جي انتظاميا ٻوڏ متاثرن مان بيزار، وڌيڪ ترسائڻ کان جواب، واپسيءَ لاءِ ڪمشنر کي خط

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي انتظاميا ٻوڏ متاثرن مان بيزار ٿي وئي ۽ کين وڌيڪ ترسائڻ کان انڪار ڪندي ڪمشنر کي واپسيءَ لاءِ خط لکي ڇڏيو.

سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سان متاثر ٿيندڙ ڪراچي انتظاميا جي پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويا، ان سلسلي ۾ ڊي سي ملير عرفان ميرواڻي ڪراچي جي ڪمشنر کي خط لکيو آهي.

ڊي سي ملير خط ۾ چيو آهي ته ٿڌ پئجي رهي آهي، ٽينٽ سٽي ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، آءِ ڊي پيز لاءِ هڪ مهينو عارضي ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون، جن کي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي.

هن چيو ته وڏي وزير جي هدايت تي عارضي ٽيسٽ سٽي ڪئمپ قائم ڪئي وئي هئي، متاثرن کي پنهنجي اباڻن علائقن ڏانهن موڪلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

خط جي متن موجب طبي ماهرن جي به اها ئي راءِ آهي ته سياري ۾ ٽينٽ سٽي ۾ ٻارن ۽ نوجوانن ۾ بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون، جڏهن ته ٽينٽ سٽي ۾ ٽن وقتن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي، جيڪو مستقل طور جاري نٿو رکي سگهجي.

ڊي سي ملير خط ۾ چيو آهي ته مجاز اٿارٽي کان اجازت ورتي وڃي ته اسان ٽينٽ سٽي کي بند ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.