پاڪستانين لاءِ خوشخبري، حڪومت قسطن تي سمارٽ فونز ڏيندي

پاڪستان حڪومت اسمارٽ فونز تائين سمورن شهرين جي پهچ لاءِ نئون پروگرام متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هن پروگرام ۾ شهرين کي هڪ لک رپين تائين اسمارٽ فونز سولائي سان سستين قستن تي فراهم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ اسمارٽ فونز جي موضوع تي ٿيڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي سڌ سماءُ جي وفاقي وزير امين الحق ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت هر ماڻهو 20 کان 30 سيڪڙو ادائيگي سان ڪو به فون حاصل ڪري سگهي ٿو.

هن ٻڌايو ته اسمارٽ فونز کي قسطن ۾ وڻ لاءِ ضمانت يا ڪاغذي ڪارووائي جي ضرورت نه هوندي پر رڳو سڃاڻپ ڪارڊ تي موبائيل فون جو حصول ممڪن هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسمارٽ فونز فار آل اسڪيم جي تحت 10 هزار کان هڪ لک رپين جا اسمارٽ فونز 3 کان 12 مهينن جي قسطن ۾ ڏنا ويندا.

هن چيو ته جنهن ماڻهو قسطون نه ڏنيون ته فون لاڪ ڪئي ويندي جنهن بعد دنيا ۾ ڪٿي به فون استعمال نه ڪري سگهبي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.