گهوٽڪي جي ننڍڙي ٻار جي بيٽنگ سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو

 

سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ 4 ورهين جي ننڍي ٻار جي شاندار بيٽنگ سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.

4 ورهين جي ڪرم الله جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جيڪو گهوٽڪي جي تعلقي خانپور مهر جي ڳوٺ مٺن مهر جو رهواسي آهي.

ان ٻار جو بيٽ گهمائڻ جو انداز ئي نرالو آهي، ڪرم الله جيڪو صحيح طريقي سان ڳالهائي به نٿو سگهي پر بيٽنگ اهڙي ٿو ڪري ڏسندڙ دنگ رهجي وڃي.

ڪرم الله هر قسم جي بال جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن جي پريڪٽس کيس چاچو رضا محمد ڪرائيندو آهي.

4 ورهين جي ڪرم الله جي بيٽنگ جي وڊيو ڏسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.