فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي پروپئگنڊا جو نشانو بڻايو پيو وڃي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ جي شاندار انتظامن ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ تي قطر کي ساراهڻ گهرجي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بدقسمتي سان قطر کي فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي پروپئگنڊا جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ان بدران ميگا ايونٽ جي شاندار انتظامن ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ تي قطر کي ساراهڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستان قطر جي امير ۽ قطر جي عوام سان يڪجهتي لاءِ گڏ بيٺو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.