پوليس اهلڪار جي قاتل جي گرفتاريءَ لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس پاران اهلڪار جي قتل ۾ ملوث اڳوڻي ڊي سي جي پٽ خرم نثار جي گرفتاريءَ لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو ڪيوويو آھي.

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جو چوڻ آهي ته خرم نثار جي گرفتاريءَ لاءِ قانوني عمل شروع ڪيو ويو آهي، ڊي جي پاسپورٽ کي خرم نثار جو پاسپورٽ ڪينسل ڪرڻ لاءِ به لکي رهيا آهيون ۽ ايف آءِ اي کي پڻ انٽرپول سان رابطي لاءِ لکي رهيا آهيون.

خرم نثار ڊفينس فيز 5 ۾ فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار عبدالرحمان کي شهيد ڪيو هو، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به منظرعام تي آيا هئا

خرم نثار پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ بعد گذريل ڏينهن ترڪي رستي سوئيڊن فرار ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.