گورنر سنڌ ڪي اليڪٽرڪ لائسنس جي تجديد جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪي اليڪٽرڪ  جي لائسنس ٺاهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.ڪراچي ۾ واپارين کيخطاب ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد نه ٿيڻ گهرجي.گورنر چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کان سڄو شهر پريشان آهي، بجلي فراهمي جو ادارو پنهنجو قبلو درست ڪري.هن چيو ته ايئن نه ٿئي جو ڪي اليڪٽرڪ  جي لائسنس  جي تجديد ۾ مان رڪاوٽ بڻجي وڃان.گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بري طرح  ناڪام ٿيو آهي، ان ڪري هن جي لائسنس جي تجديد نه ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.