ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ معذور اهلڪار ميدان تي لاهڻ جو انڪشاف

سکر (رپورٽر)گهوٽڪي پوليس جو انوکو ڪارنامو سامهون آيو آهي، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ معذور اهلڪارن کي اماڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مليل ڄاڻ موجب سنڌ پوليس گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ 21 معذور  اهلڪارن کي  اماڻيو ويو، آپريشن لاءِ 2 ڏينهن اڳ ايس آر پي  مان 561 اهلڪارن کي گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ بدلي ڪيو ويو.ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ بدلي ڪيل اهلڪارن ۾ 21 معذور اهلڪار به شامل آهن، جن کي ڌاڙيلن سان ويڙهاند لاءِ ميدان تي لاٿو ويو آهي.ان سلسلي ۾سکر ايس آر پي پوليس هيڊڪوارٽر جي اهلڪار الطاف سومرو پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آھي ته سال 2009ع ۾ ايس آر پي پوليس هيڊڪوارٽر سکر ۾ اهلڪار طور ڀرتي ٿيس 13 نومبر 2012ع تي ڪراچي سهراب ڳوٺ ۾ مقابلي دوران راڪيٽ  فائر ٿيو، جنهن ۾ منهنجي اک ضايع ٿي ۽ ٻانهن به ختم ٿي وئي هڪ گولي مٿي ۾ هڪ گولي پيٽ ۾ لڳل آھي. هن ٻڌايو ته 2016ع ۾ خيرپور فيض محمد ناريجو ٿاڻي تي ايمرجنسي ڊيوٽي ۾ موڪليو ويو، جتي ٻنهي ڄنگهن ۾ گوليون  لڳيون، مون قرض وٺي پنهنجو علاج ڪرايو. هن چيو ته مون شڪارپور پنهنجي ضلعي ۾ وڃڻ جي خواهش ڏيکاري جيڪا درخواست هن مهل تائين منظور ناهي ٿي. هن چيو ته هينئر گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ آءِ جي سنڌ پاران جاري ڪيل اهلڪارن واري فهرست ۾ 299 نمبر تي منهنجو نالو ڏنو ويو آهي، آئون معذور ٿي چڪو آھيان، هينئر ڏوهارين سان وڙھڻ جي سگهه ناهي. هن سپريم ڪورٽ سميت ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس حال تي رحم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.