ڪلوئي ۾ استادن جي کوٽ، گريجوئيٽ نياڻي رضاڪار طور پڙهائڻ لڳي

ڪلوئي) رپورٽ نواز لنڊ( ڪلوئي گورنمينٽ پرائمري مڊل اسڪول محمد خان لنڊ ۾ استادن جي کوٽ سبب گريجوئيٽ ڪيل نياڻي صنوبر  وڏي عرصي کان اسڪول ۾ رضا ڪار طور بنا معاوضي پڙھائي رھي آھي   پرائمري کان  مڊل تائين محمد خان لنڊ جي اسڪول ۾ تعليم پرائي اڳتي پڙھي گريجوئيٽ ڪئي آھي اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ڏسي اھا محسوس ڪيو آهي ته رضا ڪار طور نياڻين ۽ ڇوڪرن تعليم ڏيان اڳتي هلي ملڪ جو نالو روشن ڪن دلي خواهش هئي صنوبر لنڊ  ۾ ڇھه سؤ شاگردن لاءِ پنج استاد مقرر ڪيل آھن، نئين ڀرتي مان ڪوبہ استاد ھتي  نه رکيو ويو آهي ، ۽ ڪٿي ڏھن ٻارن تي چار، چار استاد رکيا ويا آهن، اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت  اسڪول ھلائي رھيا آھيون جيڪو ڪلاسن ۾ آيو ٻاھران استاد آيو ھوندو اھو ٻڌائي سگھي ٿو، ھي اسڪول استادن جي کوٽ بلڊنگ تباھ ٿيڻ جي باوجود  روان دوان آھي،مٿي مڊل سيڪشن ۾ ڪلاس وٺندڙ،  ادي صنوبر لنڊ ٻن سالن کان بنا معاوضي پڙھائي رھي ، ھن اسڪول ۾ ڇهه سؤ کان مٿي ٻار زير تعليم آھن سؤ سيڪڙو حاضري، اسيمبلي ۾ سؤ سيڪڙو ٻارن، استادن جي حاضري، مڪمل ڊسيپلين، سرڪاري اسڪول ھوندي نظر ايندڙ، يونيفارم، ايڊنٽي ڪارڊ گلي ۾ پاتل ، پنج سرڪاري PST, مقرر ڪوبہ JST مقرر ٿيل نہ آھي، مون سميت پنھنجي مدد پاڻ تحت پنج رضاڪار استاد ڪم ڪري رهيا آهن   جنھن ۾ ٽي عورت ٽيچر بوائز اسڪول ھوندي پنھنجيون خدمتون نھايت محنت ۽ تياري سان سر انجام ڏيئي رهيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.