سنڌي هاري تحريڪ پاران ڪمند جو 250 رپيا اگهه مقرر ڪرڻ وارو اعلان رد

حيدرآباد (پ_ر)  سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي اڳواڻ علي نواز ڏاھري، اسماعيل خاصخيلي ۽ رامجي ڪولھي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ حڪمرانن پاران ڪمند جو اگھ 250 روپيا مقرر ڪرڻ واري اعلان کي رد ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته ڪمند جو اگھ 400 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو آهي ته حڪمرانن ھٿ وٺي زراعت کي تباھي جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو آھي ھنن پھرين پاڻي جي شديد کوٽ  سبب ڪمند خراب ڪيو مٿان ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري فصل تباھ ٿيا جنھن ڪري ھن سال کنڊ جي پيداوار سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي پر حڪمران کنڊ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ جي اجازت پيا ڏين جنھن سان ھڪ طرف کنڊ جي شديد کوٽ ٿيندي ته ٻئي طرف کنڊ جو اگھ گھڻو وڌي ويندو. سنڌي ھاري تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته کنڊ ٻاھر موڪلڻ جي اجازت ختم ڪئي وڃي. سنڌي ھاري تحريڪ سنڌ ۾ برساتن ۽ ھٿرادو ٻوڏ جي تباھڪارين جي سروي ڪنھن ساک واري اداري کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ٿي ۽ ان سان گڏ جن ھارين جا فصل ۽ گھر تباھ ٿيا آھن تن کي فوري طور معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.