جاتي لڳ سم نالي ۾ ٻڏي ويل پيرسن جو لاش هٿ

جاتي(ن ع آ)ٻه ڏينهن اڳ نانگڻ ڍورو سم نالي ۾a جاتي ڀرسان ڳوٺ رمون ملاح جي رهواسي 60 سالن جي  ڌنار سائينڏنو ملاح پنهنجي ڳئون کي سم نالي مان  ڪڍندي ٻڏي ويو هو جنهن جو لاش مقامي ٽوٻن ۽ وارثن پيرسن جو لاش ڳولهي ورتو جڏهن اطلاع تي جاتي پهچي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،ان موقعي تي پيرسن جي نوجوان پٽ لونگ ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پيءُ کي ٻڏندي ٻه ڏينهن گذري ويا پر سندس لاش جي ڳولا لاءِ انتظاميان نه پهتي ۽ آخر اسان ڏينهن رات هڪ ڪري لاش ڳوليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.