نواب شاهه۾قتل ٿيل نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، پيءُ کي دورا

نوابشاھ( ڊ ر ) نوابشاھ اي سيڪشن پوليس جي حد ۾ قتل ٿي ويل علي خان راھو جي قتل م ملوث جوابدارن مان پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي مقتول جي گھر توڙي علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڇانيل آهي،  مھراڻ ڪالوني نواب شاھ جي مک چوڪ تي قتل ڪيل علي خان راھو جي ڀائرن محمد عاقل راھو، امتياز راھو، ٻڌايو ته فيصلي باوجود جوابدارن ضمير حسين راھو، عبدالمجيد راھو، اڪرم راھو، غلام قادر راھو، مشتاق راھو، الھه رکيو راھو ھٿيارن بند مھراڻ ڪالوني نواب شاھ جي مک چونڪ تي علي خان راھو کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آھي ھنن چيو ته اي سيڪشن پوليس جوابدارن خلاف قتل جي ايف آئي آر به داخل آھي ليڪن انھي باوجود جوابدارن  مان ڪو به گرفتار نه ٿي سگھيو آهي ھنن چيو اسين پڙھيل لکيل ماڻھون آھيون، انصاف ڪرڻ حاصل ڪرڻ لاء قانوني جدوجھد جاري رکنداسين جڏھن ته نوجوان پٽ جي قتل بعد مقتول جي پيرسن والد حاجي الهھ ڏنو جي حالت خراب آھي ۽ مسلسل پيرسن والد کي وقفي وقفي سان بيھوش جا دورا پئجي رھيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.