خيرپور جي نرسنگ ڪاليج جي شاگردن جو رهائش نه ملڻ خلاف احتجاج

خيرپور(س ر )خيرپور سول اسپتال جي نرسنگ ڪاليج ۾ سکيا  وٺندڙ شاگردياڻين پاران  رهائش نه ڏيڻ خلاف نرسنگ ڪاليج کان ايم ايس آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ايم ايس آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو،  جنھن جي اڳواڻي اصغر جوڳي، اقصي راجپوت، آسيه چنه، ڪائنات سومرو، سومل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نرسنگ ڪاليج ۾ سکيا حاصل ڪندڙ شاگردياڻيون مختلف شهرن ۽ ڳوٺن سان تعلق رکن ٿيون نرسنگ ڪاليج جي ھاسٽل زبون ٿي وئي آهي جيڪا رهڻ جي قابل نه رهي آهي شاگردياڻين جي تڪليف کي ڏسندي اڳوڻي ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر زاهده سومرو فليٽ الاٽ ڪري ڏناھئا جنهن ۾ شاگردياڻيون رهندڙ هنيون جڏهن ته موجوده ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر اشفاق  احمد سومرو فليٽ ڊاڪٽرن کي الاٽ ڪري ڏنا آهن ۽ شاگردياڻين کان فليٽ خالي ڪرايا ويا آهن جيڪي رهائش لاءِ سخت پريشان آهن ۽ انهن جي تعليم پڻ متاثر ٿي رهي آهي هنن وڌيڪ چيو ته ايم ايس احتجاج ڪرڻ تان ڏمرجي ڪاليج ۾ ڪم ڪندڙ لوئر اسٽاپ کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي احتجاج ڪندڙ شاگردياڻين جي حمايت ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ينگ نرسنگ ايسوسيئيشن جا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿي شاگردياڻين وزير اعلي سنڌ، منسٽر ھيلٿ، سيڪريٽري ھيلٿ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي شاگردياڻين کي رهائش لاءِ فليٽ واپس ڏنا وڃن نه ته  ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.