مطالبا منظور ڪيو، بلڊنگ اٿارٽي ملازمن جو ميرپور خاص ۾ احتجاج

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد امين جسڪاڻي، وحيد علي مھر، اسحاق ڀٽي، غلام رسول ميمڻ ۽ ٻين چيو ته گذريل 10 سالن کان ڊيوٽي ڪري رھيا آھيون، اڃا تائين ٽائم اسڪيل نه مليو آهي، ترقيون نه ٿيون آهن، جي پي فنڊ، سروس بڪ نه ھجن سبب ملازمن ۾ پريشان آهيون، ھن معاملي ۾ اسان جو ٽيڪنيڪل عملو پڻ رڪاوٽ بڻيل آهي.ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ٽيڪنيڪل عملو ھٽائي جائز مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.