سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪري رهي آهي: نياز ڪالاڻي

ڪوٽڙي (ن ع آ) پيپلز پارٽي سنڌ جي نالي تي ڪرپشن ڪري رهي آهي، سنڌ جا اڪثر شهر برسات ۽ ھٿرادو ٻوڏ سبب  پاڻي ھيٺ ٻڏل آهن لکين ماڻهون ڪئمپن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن اڄ حيدرآباد نسيم نگر کان صبح 10 وڳي ڀٽ شاھ تائين ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ مارچ ڪيو ويندو. جنھن ۾ سنڌ جو درد رکندڙ سنڌ دوست اڳواڻ اديب دانشور شاگرد وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا اھڙو اظھار جسقم جي  اڳواڻي قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو ڪوٽڙي ۾ سينيئر صحافي ڄامشورو پريس ڪلب جي نائب صدر اسد منڱريو سان سندس چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو . ھنن چيو ته سنڌ جا شھر اڄ بـ پاڻي ھيٺ ٻڏل آھن، صوبائي وزير ۽ صلاحڪار ڪوڙا بيان جاري ڪري چون پيا تـ 70 سيڪڙو پاڻي نڪري ويو آھي جڏھن تـ حالتون ان جي ابتڙ آھن. ٻوڏ متاثرن جي نالي تي 37 ڪروڙ جي ڊرائي فروٽ جو بل جاري ڪندڙ سنڌ سرڪار سواءِ ڪرپشن جي ٻيو ڪجھه بـ ناھي ڪيو، ان ڪري وقتائتي سنڌي ماڻھن ۾ جاگرتا پيدا ڪري سندن ڪرتوت سامھون آڻجن. ان سلسلي ۾ اڄ سنڌ جا ساڃاھ وند قومپرست گڏ ٿي حيدرآباد کان ڀٽ شاھه تائين متاثرن جي بحالي لاءِ مارچ ڪڍي رھيا آھيون جنھن ۾ سنڌ جي سڄڻن، ساڃاھه وند کي شرڪت ڪري سنڌ سرڪار اندر پيپلز پارٽيءَ جي ڪيل ڪرپشن ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪرڻ جي ونتي ڪجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.