اسلام ڪوٽ ۾ خاصخيلي برادري جو ايس ايڇ او جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

خاصخيلي برادري جي ماڻهن معشوق، بدرالدين، محبوب خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي نوجوان معشوق خاصخيلي ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته هو شهر ۾ ڪيبن هلائيندو آهي، جتان ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ قادر بخش بنا جواز گرفتار ڪري تشدد ڪيو.

هن چيو ته ايس ايڇ او نشي واري حالت ۾ هيو، جنهن مارڪٽ بعد گٽڪي جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ويهه هزار ۽ موبائل فون به ڦري ويو ، جيڪو ساڻس ظلم آهي.

خاصخيلي برادري پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.