سجل علي ۽ سري ديوي جي ڌيءُ جهانوي جي ڀاڪر پائي ملڻ واري وڊيو وائرل

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سجل علي ۽ ليجنڊ ڀارتي اداڪارا سري ديوي جي ڌيءَ جھانوي ڪپور جي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

سجل علي کي دبئي ۾ جاري فلم فيئر مڊل ايسٽ ايوارڊز جي تقريب دوران جھانوي ڪپور کي ڀاڪر پائيندي ڏسي سگھجي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي شوبز ستارن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ سجل علي کان علاوه همايون سعيد ۽ فهد مصطفيٰ به شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ فلم موم جي شوٽنگ دوران سجل علي جا سري ديوي ۽ سندس ڌيءَ سان سٺا لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا، جنهن جو هن ڪيترائي ڀيرا اظهار ڪيو هو.

اداڪارا چيو ته ساڻس لاڳاپن ۾ ويجهڙائي هئي ۽ ان وقت جيڪو رشتو قائم ٿيو اهو تمام خاص هو، اسان لاءِ محبت وارو رشتو پروفيشنل زندگي جو نه پر ذاتي زندگي جو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.