سيوھڻ حادثي جو ھڪ وڌيڪ زخمي فوت، متاثرن لاءِ 10-10 لک امداد جو اعلان

سيوھڻ/خيرپور (نمائندن وٽان) سيوھڻ حادثي ۾ زخمي ٿيل ھڪ وڌيڪ 15 سالن جي نينگري پوپري ڦلپوٽو سيوھڻ اسپتال ۾  فوت ٿي وئي، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 21 ٿي ويو. ڄاڻايل نينگريءَ جو مڙھ ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو. ھوڏانھن سيوھڻ اسپتال ۾ داخل باقي 12 زخمين مان 10 ڄڻن کي فارغ ڪيو ويو جڏهن ته ٻن زخمين جو علاج جاري آهي. ٻئي طرف فوتي نينگري جو لاش ڳوٺ آڻڻ تي ٻيهر ڪهرام مچي ويو، فوتي نينگريءَ کي لال گھڃيو قبرستان ۾ 21 قبر کوٽرائي دفن ڪيو ويو. هوڏانهن فوت ٿي ويل 21 ماڻهن جي تڏي تي صوبائي وزير ناصر شاھ پهچي متاثر خاندان سان تعزيت ڪئي سنڌ حڪومت طرفان  فوتين  جي وارثن کي 10-10 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.ان موقعي صوبائي وزير ناصر شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت فوتين جي وارثن کي 10-10 لک رپيا امداد ڏيندي.ٻئي طرف وين حادثي ۾ فوت ٿيل 21 ڄڻن جي ايثال ثواب لا۽ سيوھڻ جدوجھد ڪميٽي جي اڳواڻ اڪبر ملاح جي سربراھي ۾ درگاھ قلندر تي قران خواني منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شھرين سماجي اڳواڻن ۽ زائرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قران خواني بعد حادثي ۾ فوت ٿيل 21 انساني جانين جي مغفرت لاءِ خصوصي دعائون گھرڻ بعد خيرات جو بندوبست ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.