سڪرنڊ لڳ پ پ ورڪر پير ترڪڻ سبب تلاءُ ۾ ڪري ٻڏي فوت

سڪرنڊ( ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پ پ پ جو ورڪر ممتاز ولد قطب الدين جلباڻي سنڌو درياءَ ڀرسان ماڙي جلباڻي ٻيلي ۾ پاڻي جي وڏي تلاء ۾ پير ترڪڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو ، اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ۔ لاش گھر پھچڻ تي قھرا مچي ويو، جڏھن ته سندس ويجھي مائٽ ۽  پ پ جي سينئير ورڪر علي گل جلباڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوت ٿيل ممتاز جلباڻي ھارپو ڪندو ھو ۽ ھو پنھنجي زمين تي وڃي رھيو ھو ته اھو حادثو پيش آيو ھن جمھوريت جي بحالي لاء مون سان گڏ سڪرنڊ کان ڪراچي پيادل مارچ پڻ ڪيو ھو ، ماڙي جلباڻي پوليس مطابق فوتي ممتاز جلباڻي اتفاقي پير ترڪڻ ڪري پاڻي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.