ملڪ ۾ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل سستو ٿي ويو

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل کي سستو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي فوري عمل ٿيندو. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان جي ترجمان موجب حبيب بناسپتي جي اگهن ۾ 34 رپيا في ڪلو جڏهن ته حبيب ڪوڪنگ آئل هڪ ليٽر جي اگهه ۾ 36 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي. ايوا گيهه پريميم برانڊ گيهه جي اگهن ۾ 39 رپيا في ڪلو گهٽتائي جڏهن ته سويا سپريم گيهه پريميم برانڊ جو هڪ ڪلو 25 رپيا سستو ٿيو آهي، سويا سپريم ڪوڪنگ آئل هڪ ليٽر جو اگهه 7 رپيا گهٽجي ويو آهي.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ سمورن اسٽورز تي وزيراعظم ريليف پيجيڪ تحت اٽي، کنڊ ۽ گيهه تي خاص سبسڊي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن تازو سبسڊائزڊ شين کي شفاف ۽ جديد انداز ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ 5566 ايس ايم ايس جي سهولت به ڏني آهي جنهن سان واهپيدارن کي معياري ۽ سستيون شيون فراهم ڪرڻ ۾ سهولت ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.