عمران خان ۽ شهباز شريف کي ڪنهن ۽ ڇو چماٽون وهائي ڪڍيون؟

صدر مملڪت عارف علوي عمران خان سان ملائڻ لاءِ زمان پارڪ لاهور ۾ هڪ اهم فوجي شخصيت کي وٺي ويو، ان دوران ڳالهين تي ڏند چڪ ٿي پئي ۽ ان فوجي آفيسر عمران خان کي چماٽون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيون.

خبر پوري پڙهو جيئن اوهان کي صورتحال جو اندازو ٿي وڃي.

بعد ۾ فوجي آفيسر اهو ڏسڻ چاهي رهيو هو ته عمران خان جي ڄنگهه ۾ گولي لڳي آهي يا نه.

ان تي عمران خان واش روم وڃي ڪڙو ڏئي ڇڏيو جڏهن ته اهڙي گوڙ تي عمران خان جا گارڊ آيا جن کي فوجي آفيسر ٻاهر نڪرڻ جو حڪم ڏنو.

تنهن بعد عمران خان کي ٻاهر گهرائي منهن تي پٽي ٻڌي فرح خان عرف گوگي، بشريٰ بي بي ۽ ٻين جي ڪرپشن بابت تفصيل سان ٻڌايو ويو جنهن کي ٻڌي عمران خان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ عمران خان پنهنجين ڳالهين تان پوئتي هٽڻ تي راضپو ڏيکاريو پر خواهش ڏيکاريائين ته اليڪشن ٿين پر انهن کي به رد ڪيو ويو.

عمران خان مطالبو ڪيو ته جنرل فيض کي آرمي چيف بڻايو وڃي ان کي به رد ڪيو ويو.

ٻئي پاسي آرمي چيف جي مقرري تي تحريڪ انصاف پنهنجو موقف رکي ٿي جڏهن ته حڪومت چوي ٿي ته مقرري آئين موجب ٿيندي.

پر آرمي چيف پنهنجي مرضي جو چيف آف جوائنٽ اسٽاف ساحر شمشاد کي ۽ آرمي چيف اظهر عباس کي لڳائڻ چاهين ٿا پر حڪومت مڃي ناهي رهي جنهن تي آرمي چيف جنرل باجوا پرائم منسٽر هائوس ۾ ويو ۽ هن شهباز شريف کي سمجهايو پر شهباز شريف جي نه مڃڻ تي ٻنهي وچ ۾ بحث ٿيو جنهن تي آرمي چيف شهباز شريف کي زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.

مٿي ٻڌايل ٻئي خبرون غلط آهن، چيو پيو وڃي ته عمران خان بابت نون ليگ جي ڌرين ۾ چماٽ واري ڳالهه پکيڙي وئي جنهن جي جواب ۾ پي ٽي آءِ وارن به هي افواهه پکيڙيو آهي ۽ اهو سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.

جڏهن اسان تحقيق ڪئي ته پتو پيو ته ٻئي خبرون ڪوڙيون آهن.

ٻنهي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ ان جو حقيقت سان بنهه ڪو واسطو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.