ڪرشما روينا جي دشمن ڇو بڻي؟ وڏو انڪشاف سامهون اچي ويو

بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪرشما ڪپور اداڪارا روينا ٽنڊن جي دشمن بڻجي وئي آهي.

ماضي ۾ اداڪارا روينا ٽنڊن ۽ ڪرشما ڪپور مشهور ڀارتي فلم ”انداز اپنا اپنا“ ۾ گڏ ڪم ڪيو پر اوچتو ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هر جڳهه تي ٻنهي جي تڪرار جا چرچا ٿيڻ لڳا.

رپورٽ موجب ڀارتي اداڪاراجي ديوگن روينا ٽنڊن جي گهڻو ويجهو ٿي ويو پر اجي ڪرشما لاءِ روينا کي ڇڏي ڏنو هو.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو روينا ٽنڊن چيو ته ڪجهه وقت کانپوءِ انهن ٻنهي ڪيترن ئي فلمن مان کيس ڪڍرايو. هڪ ٻئي هنڌ روينا جو چوڻ هو ته هوءَ ٻنهي اداڪارن سان  سٺو رشتو رکڻ پئي چاهيو پر ڪرشما اجي ديوگن کي هن سان ڪم نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي جنهن سبب هن کان چار فلمون کسيون ويون هيون.

ان کانسواءِ ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه رخ خان جي گهر دعوت هئي جنهن ۾ سمورن اداڪارن ۽ اداڪارائن شرڪت ڪئي.

رپورٽ موجب ڪرشما کي روينا سان تصوير لاءِ چيو ويو ته ڪرشما ڪاوڙ ۾ جواب ڏيندي انڪار ڪيو ۽ چيو ته هن سان تصوير ٺاهڻ بعد ڪهڙو سندس ڪيرئير چمڪي پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.