ڄامشورو گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي، 5 ضلعن ۾ بجلي فراهمي مڪمل بند

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري جي 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن ۾ پاور ٽرانسفارمر جي فني خرابي سبب سنڌ جي 5 ضلعن ۾ بجلي فراهمي مڪمل طور بند ٿي وئي.

حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) جي ترجمان موجب پاور ٽرانسفارمر جي فني خرابي سبب ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جون سموريون گرڊ اسٽيشنز بند ٿي ويون آهن.

تترجمان ٻڌايو ته فني خرابي 5 لڳي 17 منٽن تي ٿي، اين ٽي ڊي سي هڪ ڪلاڪ ۾ خرابي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، بجلي فراهم ڪئي وئي ته فيڊرن جي سپلاءِ بحال ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.