فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جا نوازشريف سان رابطو،اهم مقرري تي مشاورت مڪمل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اهم ترين مقرري ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن وچ ۾ شروعاتي مشاورت مڪمل ٿي وئي، ابتدائي مشاورت ۾ اتحادين وفاقي حڪومت کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جون هڪ ٻئي پٺيان مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ڊگهيون ملاقاتون ٿيون جن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عمران خان جي لانگ مارچ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سان ميان نوازشريف جي ٽيليفونڪ گفتگو به ٿي، ذريعن مطابق حڪومتي اتحادين وزيراعظم شهبازشريف کي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو ۽ پيغام ڏنو ته اهم مقرري سميت ٻين اهم فيصلن تي وزيراعظم آئيني اختيار مطابق قدم کڻي، ملڪي داخلي استحڪام، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين، ملاقاتن ۾ عمران خان جي بيانئي ۽ لانگ مارچ کي اهميت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٽنهي وڏين اتحادي جماعتن جو مستقبل قريب ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق ٿيو، اسحاق ڊار وزيراعظم شهبازشريف کان علاوه ميان نوازشريف جو به اهم پيغام پهچايو، ٻئي پاسي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي، فضل الرحمان وزيراعظم جي خيريت معلوم ڪئي، شهبازشريف مولانا فضل الرحمان جو ٿورو ادا ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.