زين شاه جي عمران اسماعيل سان ملاقات، گڏيل جدوجهد تي اتفاق

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آء اڳواڻ عمران اسماعيل سان  ڪراچي ۾ سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪئي ٻنھي اڳواڻن پاران ملڪ جي موجوده  سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ۽ سيوھڻ ۾ مسافر وين سان پيش آيل واقعي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو ويو ان موقعي تي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ طرفان اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صحتيابي لاء نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو  ويو, ڪراچي مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايس يو پي صدر سيد زين شاھ ۽ پي ٽي آء اڳواڻ عمران اسماعيل پاران موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مستقبل ۾ گڏيل لائحه عمل جوڙڻ تي غور ويچار ڪيو ويو،بيان موجب ملڪ ۾ ھم خيال سياسي جماعتن جي گڏيل جدوجھد ۽ اتحاد جي معاملن تي پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي،ان موقعي تي سيد زين شاھ چيو ته  پي ٽي آءِ ۽ ٻين اتحادي جماعتن سان رابطن کي مضبوط رکيو ويندو سنڌ ۾ زمينن تي قبضاگيري جي نيب وسيلي جاچ ڪرائي ذميوارن کي خلاف موثر قدم کيا وڃن, سيوھڻ حادثي جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي پيپلز پارٽي جي حڪومت بي حسي ۽ نااھليء جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن عمران اسماعيل چيو ته پيپلز پارٽي طرفان سنڌ جي عوام جو ڪيترن ئي سالن کان استحصال ڪيو پيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.