ٻوڏ متاثرن ۾ 316 ملين ڊالر ورهائي ڇڏيا آهن: شازيا مري

اسلام آباد(م ڊ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثر 2.8 ملين خاندانن ۾ ٽارگيٽ ڪيش رليف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت طرفان 316 ملين ڊالرن جي رقم انهن خاندانن ۾ ورهائجي چڪي آهي. اها ڳالهه هن اٽلي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪستان کي 2030ع تائين غذائي تحفظ بابت هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 82 ضلعن ۾ تازي ٻوڏ سبب 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تقريبن 650000 ڳورهارين عورتن کي ويم جي خدمتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.