قلندر جي مزار تي حملي جو خطرو، انتظاميا وٽ خط پهچي ويو

ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) لعل شهباز قلندر جي مزار تي حملي جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ آءِ جي سنڌ پوليس جي آفيس مان ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي خط اماڻيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب سيوهڻ شريف، لعل شهباز قلندر جي مزار بابت سيڪيورٽي ٿريٽ الرٽ آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته لعل شهباز قلندر جي مزار تي دهشتگردي جو امڪان آهي جنهن سبب سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا وڃن. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ پوليس حفاظتي قدم کڻي. آءِ جي سنڌ پوليس خط ۾ چيو آهي ته سيڪيورٽي جي حوالي سان لعل شهباز قلندر جي مزار اي ڪيٽيگري ۾ شامل آهي. هزارين زائرين مزار تي زيارت لاءِ ايندا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن پرڏيهي زائرين به لعل شهباز قلندر جي مزار تي ايندا آهن. مزار تي 111 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا جن جو تعداد هاڻ 93 ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.