حفيظ ٿهيم جي وارثن جا مظاهرا، نوجوان آزاد

لاڙڪاڻو /نصير آباد /ڏوڪري (نمائندن وٽان) ڏوڪري مبينا طور 3 ڏينهن اڳ رات جي وقت گهران کنڀجي ويل نوجوان جو نصيرآباد پوليس  پاران وارثن کي اطلاع ڏيڻ بعد هو آزاد ٿي گهر پهچي ويو،جڏھن ته مبينا طور کنڀجي ويل نوجوان عبدالحفيظ ٿهيم جو نصيرآباد پوليس پاران وارثن کي نوجوان جو اطلاع ڏنو ويو هو جيڪي نصيرآباد پهچي نوجوان کي وٺي آيا،نوجوان جي والد عبدالغني ٿهيم ٻڌايو ته اسان کي نصيرآباد پوليس فون ڪري پٽ جو اطلاع ڏنو هو،هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته منهنجو پٽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ سرگرمين ۾ ملوث ناهي سندس هو سماجي تنظيم سرسو ۾ ڪم ڪندو آهي جڏھن ته کنڀجي ويل نوجوان جي وارثن لاڙڪاڻي، ڏوڪري ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج به ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.