طارق جميل کي وينا ملڪ سان ٺاهه ڪرائڻ جي اپيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل، ميزبان ۽ اداڪارا وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد بشير خٽڪ مولانا طارق جميل کي اپيل ڪئي آهي ته هو سندس تڪرار حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.

ٻه ڏينهن اڳ اسد خٽڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻارن سان ملاقات ڪئي هئي ۽ جذباتي ٿي ويو هو.

ٻارن سان ملاقات کانپوءِ اسد خٽڪ صحافين سان ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته وينا ملڪ سان شادي ڪرڻ سندس غلطي نه هئي، طلاق جو معاملو زندگي جو هڪ مسئلو آهي جيئن ٻيا مسئلا هوندا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن انڪشاف ڪيو ته هو گذريل ٽن سالن کان مولانا طارق جميل سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن هو سندس ٻارن جي حوالگي بابت ڪو ڪردار ادا ڪري پر سندس مولانا صاحب سان رابطو ناهي ٿي رهيو.

هن ميڊيا جي سهڪار سان مولانا طارق جميل کي درخواست ڪئي ته هو سندس ۽ وينا ملڪ وچ ۾ تڪرار حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.