شهدادڪوٽ ۾ معصوم نينگري سان زيادتي جو انڪشاف

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ 7 ورھين جي معصوم ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي، اي  سيڪشن پوليس ٻارڙي جي والد جي فرياد تي ھڪ سڃاتل جوابدار سميت ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف زبردستي زنا ڪرڻ جو پڻ ڪيس داخل ڪيو آهي،شھر جي سبزي منڊي واري پاڙي جي رھواسي ثنا الله ھاڙھو اربع واري رات جو دير سان شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي دانھيو آهي ته 60 ورھين جي پاڙيسري عبدالغفور مگسي سندس 7 ورھين جي ڌي فاطما کي گھر وٺي وڃي ڪپڙن کان آجو ڪري ساڻن سان زيادتي ڪئي آهي جنهن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي, اھڙي دانهن بعد اي سيڪشن پوليس ٻارڙي کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر ڏيئي تعلقه اسپتال موڪلي ڇڏيو,جڏهن ته والد جي فرياد تي جوابدار عبدالغفور مگسي سميت ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ٻارڙي سان زبردستي سان زنا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي,جڏهن ته پوليس اڃان تائين جوابدار کي گرفتار ڪونه ڪيو آهي،  ھوڏانھن تعلقه اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر ٻارڙي جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪري چڪاس لاءِ جزا ڪڍي ليبارٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.