سنڌ ۾ پ پ جي لاڳو ڪيل مارشل لا ختم ڪئي وڃي: لال جروار

حيدرآباد (پ_ر) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي لاڳو ڪيل مارشل لا ختم ڪئي وڃي. سنڌ پوليس زرداري مافيا جي ڪمدار بڻجڻ بدران آئين ۽ قانون جي طابع رهي. پيپلز پارٽي جي وڏيرن کي ووٽ نه ڏيڻ تان، شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي صاحب جي ويجهي دوست سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي سوڍو جي ڏوهٽي مقتولا پپيلان سوڍو کي وڏيرن قتل ڪرايو آهي، ٻي پاسي سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لطيف ڀٽي کي به وڏيرن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيڻ جي ڪري پيپلز پارٽي جا وڏيرا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ووٽ نه ڏيڻ تان قتل ٿيندڙ ماڻهن جي پوليس ايف آء آر ئي درج نٿي ڪري. چيف جسٽس آف پاڪستان هن بدترين آمريت جو نوٽيس وٺي مقتولا پپيلان سوڍو جي ايف آء آر داخل نه ڪري قاتلن جي سرپرستي ڪندڙ سجاول ضلعي جي پوليس خلاف قانوني ڪاروائي جو حڪم ڏئي ۽ مقتولا جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.  اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ عبدالرحمن سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.