ملير ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، وڪيل روڊ تي نڪري آيا، احتجاج

کوکراپار(ن ع آ) ملير ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ کان ريلي ڪڍي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران ملير  پوليس خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي ايس ايڇ او ملير سٽي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، وڪيلن جي احتجاج سببب ملير ڪورٽ اڳيان نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سينيئر وڪيل اشرف سمون ۽ ٻين چيو ته ملير ڪورٽ اڳيان هر روز وڪيلن توڙي عام ماڻهن جون گاڏيون چوري ٿي رهيون آهن، ماڻهن کي انصاف ڏياريون يا گاڏين جي چوڪيداري ڪريون، هنن چيو ته ڪيس داخل ٿيل آهن پر تنهن باوجود ملير پوليس هڪ گاڏي به واپس ناهي ڪرائي سگهي، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ۽ ايس ايڇ او ملير سٽي ذميوار آهن، هنن مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 2 ڏينهن جي اندر جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل گاڏيون واپس نه ٿيون ته هڙتال ڪري احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.