ڊونالڊ ٽرمپ جو ايندڙ صدارتي الڪشن ۾ مقابلي جو اعلان

تحرير: پرڏيهي واءُ سواءُ

اٽڪل ٻھ سال اڳ جڏھن ھن عھدو ڇڏيو ھو تڏھن کان ئي اھي اڳڪٿون ٿي رھيون ھيون تھ ھو وري صدارتي محل ۾  واپس اچڻ جو ارادو رکي ٿو. اڳوڻي صدر ان جو اعلان ڪندي هاڻي ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڱاري ڏينھن  15 نومبر تي اعلان ڪيوآ هي ته هو وائيٽ هائوس واپس اچڻ جي خواهش رکي ٿو ۽ ان لاءِ هو 2024ع ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊ وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو.

اڳوڻو صدر  پنھنجي مشھور نجي رھائش مار ا لاگو ڪلب ۾ عوام کي خطاب ڪندي چيو تھ ”اڄ رات مان آمريڪا جي صدر لاءِ اميدوار ٿيڻ  جو اعلان ڪري رهيو آهيان ،آمريڪا ڏانهن واپسي تھ ھاڻي شروع ٿي آهي“.

ان اعلان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس مددگارن آمريڪي وفاقي اليڪشن ڪميشن وٽ ھن جا دستاويز جمع ڪرايا ۽ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي جنهن کي "ڊونالڊ  ٽرمپ صدر 2024” سڏيو ويندو. پنهنجي تقرير دوران ٽرمپ واپاري معاھدن جي خاتمي ،پرڏيھي پاليسي ،سرحدي ڪنٽرول ۽ ڪورونا وائرس جي وبائي مرض تي ضابطي جي حوالي سان پنھنجي ڪيترين ئي تڪراري پاليسين جو دفاع ڪيو.

”ھن چيو تھ چئن مختصر سالن (ٽرمپ جي صدارت جي دور )  ۾ هرڪو بھتر ڪم ڪري رهيو هو ،ھر ڪو شخص اھڙي طرح  ترقي ڪري رهيو هو جيئن اڳ ڪڏهن به نه ٿيوهو“ ٽرمپ اها پڻ دعويٰ ڪئي ته هڪ مدي واري صدارت دوران آمريڪا وارن ”ڏهاڪن“ جي امن جو لطف ورتو. هن اهو به چيو ته چين 2020 جي اليڪشن ۾ مداخلت ڪئي ھئي، جنهن سبب هو هارائجي ويو ھو، ٽرمپ اها دعويٰ به ڪئي ته بائڊن جي اقتدار سنڀالڻ سان ئي سندس  ورثي کي نقصان پھتو. ھن آمريڪا ۾  وڌندڙ مهانگائي، گئس جي ڳرين قيمتن، توانائيءَ جي کوٽ، سرحدن تي ڪنٽرول جي امڪاني نقصان ۽ افغانستان مان واپسي جهڙن واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ”جيڪو بائڊن جي ٻن سالن ۾ ٿيو،لکين آمريڪن جي لاءِ مشڪل ۽ مايوسي جو وقت رھيو آھي“ هن دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ هجي ها ته روس ڪڏهن به يوڪرين تي حملو نه ڪري ها.

هن مڊٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن جي حق ۾ پوندڙ ووٽن  جو دفاع ڪيو، جيتوڻيڪ سندس پارٽي سينيٽ جو ڪنٽرول سنڀالڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. بھرحال هن چيو ته بائڊن جي مدت جا ٻه وڌيڪ سال ووٽرن جون اکيون کولي ڇڏيندا ۽ ٽرمپ جي صدارت جا فائدا  سمجهي ويندا.

ٽرمپ،مهاجرن تي تنقيد جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ،جنھن  چيو ته ”اسان کي زهر ڏنو پيو وڃي“ ۽ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي شهرن ۾ ڏوهن جي لهر ”رت جا تلاءَ“ پيدا ڪري رھي آهي. هن منشيات جي اسمگلرن جي لاءِ موت جي سزا ۽ قانون سازن لاءِ مدت  گهٽ ڪرڻ جو واعدو ڪندي،اھو پڻ چيو تھ جيڪڏهن هو اقتدار ۾ واپس آيو ته جن فوجين  کي ڪووڊ 19 جي ويڪسين نه وٺڻ تي برطرف ڪيو ويو هو، انهن کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو.   ڪجھھ مهينن کان انھن افواهن ۾ تيزي  آئي ھئي ته ٽرمپ ٻيهر صدارت جي لاءِ چونڊ وڙھڻ  جو ارادو رکي ٿو. بهرحال، هن جو اعلان اھڙي وقت تي سامھون آيو آهي جڏهن گذريل ھفتي وچ مدي وارين چونڊن ۾ ھن جي حامي اميدوارن جي ڪارڪردگي مايوسي ڏيکاري آهي. ڪيترائي ريپبلڪن هن تي الزام لڳائي رھيا آھن ته ھن جي ڪري  ريپبلڪن پارٽي توقع کان وڌيڪ خراب ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪيو آھي.

پارٽي ۾ ڪجهه ماڻھون قيادت ۾ تبديلي چاهين ٿا ۽ ڪيترائي ان لاءِ فلوريڊا جي گورنر رون ڊي سينٽس ڏانهن ڏسي رهيا آهن. گورنر رون ڊي سينٽس تازو مڊٽرم چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، تنهن ڪري ڪيترائي اڳواڻ کيس 2024 ۾ ايندڙ ريپبلڪن اميدوار طور ڏسڻ چاهين ٿا. صدارتي مقابلي لاءِ ٻين اميدوارن ۾ سندس  اڳوڻو نائب صدر مائيڪ پينس، ورجينيا جو گورنر گلين ينگڪن، ٽيڪساس جو گورنر گريگ ايبٽ، ڏکڻ ڪيرولينا جي اڳوڻو گورنر نڪي هيلي ۽ اڳوڻي پرڏيھي وزير مائيڪ پومپيو شامل آهن.

صدر جو بائيڊن اربع تي ٽرمپ جي اعلان جو جواب ڏيندي چيو ته هن پنهنجي ملڪ کي ”ناڪام“ بڻائي ڇڏيو هو،ھن هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ھو. بائيڊن جي ٽوئيٽ سان هڪ وڊيو بھ پوسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽرمپ تي ”اميرن  لاءِ معاشي ڌانڌلي، صحت کاتي تي حملي ڪرڻ، انتهاپسندي کي فروغ ڏيڻ، عورتن جي حقن تي حملي ڪرڻ ۽ پرتشدد هجوم کي ڀڙڪائڻ“ جھڙا الزام لڳايا  ۽ چيو ويو ته ان جي مدد سان اهي 2020 جي چونڊن ۾ بائڊن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش. ڪري رھيا ھئا.

ٽرمپ بنا ڪنھن ثبوت جي اھا دعويٰ ڪندي پنهنجي مدت جي پڄاڻي تي عھدو ڇڏي ڏنو ھو، ته ووٽن ۾  بائيڊن ھن کان اليڪشن کٽي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.