ڪنڌڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جو رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ يار علي ڊومڪي، علي حسن قمبراڻي، اعجاز قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي سول اسپتال آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻين صوبن ۾ صحت کاتي جي ملازمن کي پروفيشنل، رسڪ الائونس ۽ سروس اسٽڪچر سوڌو ٻيون مراعتون ملن پيون، پر سنڌ ۾ ملازمن کي سهولتون ڏيڻ بدران گھٽيايون پيون وڃن، جيڪا زيادتي آهي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت رسڪ الائونس، سروس اسٽيڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل سوڌو ٻيون مراعتون ڏئي ملازمن جا جائز مطالبا پورا ڪري، ٻي صورت ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.