سنڌ ۾ نشي جي عادي ماڻهن لاءِ بحالي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ نشي جي عادي ماڻهن لاءِ بحالي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.

اجلاس کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت چيو ته سنڌ ۾ نشي جي عادي ماڻهن لاءِ بحالي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ اي اين ايف ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪراچي ۾ 2 سينٽر قائم ڪيا ويندا.

ان موقعي تي اي اين ايف اختيارين اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ته هلندڙ سال سموري سنڌ ۾ 201 نشي جي عادي ماڻهن جا ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن، جن مان 194 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.