اسٽاڪ ختم ڪرايو، شگر مل مالڪن جو ڪمند جي پيڙهائي کان انڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)شگر ملز واڌو کنڊ جي برآمدگي جي اجازت ملڻ تائين ڪمند جي پيڙهائي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان شگر ملز ايسوسي ايشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جيستائين واڌو کنڊ جي برآمدگي جي اجازت نه ملندي ملون بند هونديون.

شگر ملز ايسوسي ايشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شگر انڊسٽريز وٽ پندرهن جنوري ٻه هزار ٽيويهه تائين اسٽاڪ موجود آهي. واڌو کنڊ جي شوگر انڊسٽري وٽ رڳو ٻه ئي رستا آهن.

ترجمان موجب هڪ رستو اهو آهي ته پيڙهائي سيزن ۾ دير ڪئي وڃي ته جيئن پندرهن جنوري تائين اسٽاڪ ختم ٿي وڃي، ٻئي رستو اهو آهي ته ڏهه لک ٽن کنڊ برآمدگي جي اجازت ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.